- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزا ۾ جنگبنديءَ معاهدو لاڳو ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، غزا جي مختلف علائقن مان اسرائيلي فوج جزوي طور نڪرڻ شروع ڪيو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان غزا جنگبندي معاهدو لاڳو ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته حماس جا 11 قيدي آزاد ڪيا ويندا.
عرب ميڊيا موجب اسرائيل پنهنجن فوجين کي غزا معاهدي تحت طئه ٿيل لائن کان پوئتي هٽائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته غزا جي ماڻهن به پنهنجن علائقن طرف واپسي شروع ڪئي آهي.
ان کان اڳ اسرائيلي حڪومت غزا ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي مٽاسٽا واري معاهدي جي منظوري ڏني.
غزا امن منصوبي جي منظوري بابت اسرائيلي حڪومت جي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وچ اوڀر بابت خاص آمريڪي نمائندي جيرڊ ڪشنز به شرڪت ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته حڪومت سمورن يرغمالين جي آزادي واري معاهدي جي منظوري ڏني.
معاهدي تحت 2 هزار فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ اسرائيلي فوج جي جزوي طور نڪرڻ عيوض يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب اسرائيلي فوج هاڻي غزا جي پٽي اندر نئين پوزيشنن تي منتقل ٿيندي پر علائقي جي 53 سيڪڙو حصي تي ڪنٽرول برقرار رکندي، جنهن بعد 72 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويندو، ان دوران حماس سمورن يرغمالين کي آزاد ڪندي.- Advertisement -
