اسرائيلي فوج غزا ۾ حملا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيا، جڏهن ته وڌيڪ 214 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ وڌيڪ 214 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
مجموعي طور تي شهيد فلسطينين جو انگ 10 هزار 569 ٿي ويو آهي.
غزه صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾4324 ٻار ۽ 2823 عورتون شامل آهن، يهودي فوج 167 عبادتگاهون ۽ 35 هزار کان وڌيڪ عمارتون تباهه ڪري ڇڏيون.
صحت واري وزارت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته يهودي فوج جي بمباري ۾ 57 ايمبولنسون به مڪمل تباهه ٿي ويون.