تازه ترين

اسرائيلي فوج هوائي حملي ۾ حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصرالله کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ

اسرائيلي فوج هوائي حملي ۾ حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصرالله کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته حزب الله ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن نصرالله سان گذريل شام کان رابطو نه ٿي رهيو آهي.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هوائي حملي ۾ حزب الله جو سينيئر اڳواڻ علي ڪرڪي ۽ سندس ڌيءُ زينب به مارجي ويا آهن.

اسرائيل گذريل ڏينهن بيروت ۾ بنڪربسٽر ميزائل حملو ڪيو هو، جنهن جو نشانو حسن نصرالله هو.

پرڏيهي ميڊيا موجب حزب الله ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن نصرالله سان گذريل شام کان رابطو ڪٽجي ويو آهي پر ذريعن سندس موت جي تصديق نه ڪئي آهي.

ان کان اڳ ايراني ميڊيا ۽ حزب الله ذريعن جو چوڻ هو ته حسن نصرالله محفوظ آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ رهائشي عمارتن تي اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي.

حسن نصرالله کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسرائيلي جهازن گذريل ڏينهن بيروت ۾ هڪ ئي وقت 15 ميزائل فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ 6 عمارتون تباهه، 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 91 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

اسرائيلي ميڊيا موجب حسن نصرالله بمباري ۾ تباهه ٿيل عمارت ۾ زمين جي 14 ماڙ هيٺ رهندو هو.

 

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
24 %
0.9kmh
0 %
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون