اسرائيلي فورسز جي غزه بربريت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وحشياڻن حملن ۾ وڌيڪ 193 فلسطيني شهيد ۽ 290 زخمي ٿي يا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جي اسپتالن ۾ غذائي کوٽ جو شڪار وڌيڪ 4 ٻارڙن دم ڏئي ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا موجب، ، 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 30 هزار 200 کان وڌي ويو جڏهن ته 71 هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
هوڏانهن يهودي فوج جي غزه ۾ بمباري سببب 7 اسرائيلي قيدي به مارجي ويا آهن.
ٻئي پاسي امريڪا پاران غزه ۾ هوائي جهاز ذريعي امداد پهچائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
امريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته امريڪا غزه ۾ امداد جي اضافي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.