اسرائيلي فورسز غزه تي حملا تيز ڪري ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 فلسطيني اسرائيلي دهشتگرد جو نشانو بڻجي ويا.
عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج جي لڏپلاڻ ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڌهن ته جباليه ۾ گهر تي حملي ۾ 10 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا موجب وچ غزه جي اسپتال ۾ بک ۽ اڃ وگهي ڇهن ورهين جي ٻار دم ڏئي ڇڏيو.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻيا.
ميڊيا رپورٽ موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي حملن ۾ 38 هزار 193 فلسطيني شهيد ۽ 87 هزار 903 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي غزه جنگ بندي ۽ اسرائيلي قيدين جي آزادي لاءِ معاهدي جون ڪوششون جاري آهي.
حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه اسائيلي وزيراعظم تي پرامن ڳالهين ۾ رنڊڪ وجهڻ جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته هو امن چاهين ٿا، نيتن ياهو فلسطينين خلاف جارحيت ۾ تيزي آڻي رهيو آهي.