- Advertisement -
غزه جي پٽي تي اسرائيلي فوج جي 265 هين ڏينهن به بمباري آهي، اسرائيلي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطينين کي شهيد ۽ 54 کي زخمي ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته جباليه ڪيمپ ۽ بيت الاهيا ۾ گهرن تي حملن ۾ 8 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته خان يونس ۾ اسڪول تي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن شهادت جوجام پيتو.
عرب ميديا موجب، النصيرات پناهگير ڪيمپ تي حملي ۾ وڌيڪ 4 شهري شهيد ٿي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا رپورٽن موجب، 7آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 37 هزار 765 ٿي ويو جڏهن ته 86 هزار 429 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل سان 7 محاذن تي وڙهي رهيو آهي، تهران جو حدف اسرائيل تي ڪيترن ئي محاذن کان زميني حملو ڪرڻ آهي.
نيتن ياهو موجب، حماس، حزب الله، حوثي، عراق ۽ شام جي مليشيا ۽ ايران اسان لاءِ خطرو آهن، سندس پهريون هدف پهريون هدف حماس جو خاتمو آهي، ويڙهه ڊگھي هوندي…- Advertisement -
