سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسرائيلي لابي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف باني کي هاڻي اسرائيل جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي لنڊن ۾ حملو مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ مافيا قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪيو، اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن ڪنهن سان بداخلاقي نه ڪرڻ گهرجي، آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي عدليه جي نون قانونن تي عمل ٿيندو، هاڻي ڪو به مقدس ڳئون نه هوندو، هر شخص کي پنهنجي عمل جو جواب ڏيڻو پوندو، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار انتها پسندي سان عدالتون هلائيندا رهيا آهن.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڀاڻي کان سختي سان سڄي سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا، جن گاڏين تي پوليس لائٽ ۽ ڪالا شيشا هوندا، ڪارروائي ڪئي ويندي، جعلي نمبر پليٽن واري گاڏين ۽ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، سندس هن بيان کي آگاهي مهم سمجهيو وڃي ڇوته ڪابه رعايت نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي لابيز ڏينهن محنت ڪري رهيون آهن، سندن پکي کي ٻاهر آندو وڃي، اسرائيلي لابي ۽ گولڊ سمٿ فيصلي گڏجي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، اسرائيل کان اوهان لاءِ لابنگ ٿي رهي آهي ۽ اوهان عالمي لابيز کي استعمال ڪري رهيا آهيو، اوهان ڪا ته ڪمٽمنٽ ڪئي هوندي جو ٻيا ملڪ اوهان جي مدد ڪري رهيا آهن، کلي ڪري سامهون اچو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني کي هاڻي اسرائيل جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حملو مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ مافيا قاضي فائز عيسيٰ تي حملو ڪيو، اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن ڪنهن سان بداخلاقي نه ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته نيازي جي تحريڪ انصاف نه اسرائيلي تحريڪ انصاف آهي، ملڪ ۾ نئين ترميم بعد نئون نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، ماضي ۾ عدليا پاڻ ججن جي مقرري ڪندي هئي پر هاڻي هر ماڻهو اڪائوٽ ايبل هوندو، عوامي نمائندن جو رول به برقرار رکيو آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي عدليه جي نون قانونن تي عمل ٿيندو، هاڻي ڪو به مقدس ڳئون نه هوندو، هر شخص کي پنهنجي عمل جو جواب ڏيڻو پوندو، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار انتها پسندي سان عدالتون هلائيندا رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته هي ڪو نئون نظام ناهي، دنيا ۾ پهريان ئي موجود آهي، 26هين آئيني ترميم هڪ ڏکيو مرحلو ضرور هو پر نمبر پورا هئڻ باوجود پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو هر پارٽي سان ڳالهيون ڪندو، تحريڪ انصاف به چيو مولانا فضل الرحمان جو مسودو سٺو هو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 26هين آئيني ترميم سٺو ڪم آهي ۽ هاڻي ماڻهن کي انصاف ملندو، پهريان صوبن کي شڪايتون ملنديون هيون ته کين برابر شيئر نٿو ملي، احمد علي شيخ سينيئر جج هو پر کيس نظر انداز ڪري جونيئر ججن کي سپريم ڪورٽ ۾ کنيو ويو، ان وقت پسند ناپسند جي بنياد تي ڪورٽ هلندي هئي……….