اسرائيل جا شدت پسند اڳواڻ چاهن ٿا ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ موجود فلسطينين کي ڪڍيو وڃي ۽ خطي تي قبضو ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهيو وڃي : منير اڪرم

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پاڪستان او آءِ سي ۾ تجويزون پيش ڪندو، اسرائيل جا شدت پسند اڳواڻ چاهن ٿا ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ موجود فلسطينين کي ڪڍيو وڃي ۽ خطي تي قبضو ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهيو وڃي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي منير اڪرم چيو ته جيڪا صورتحال ڪشمير ۾ آهي اها فلسطين ۾ آهي، اسرائيل فلسطين کي کليل جيل بڻائي ڇڏيو هو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل پهريان هڪ طريقي سان فلسطين تي قبضو ڪيو هاڻي ٻئي طريقي سان قبضو ٿيندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ پاڪستان او آءِ سي ۾ تجويزون پيش ڪندو، اسرائيل جا شدت پسند اڳواڻ چاهن ٿا ته غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ موجود فلسطينين کي ڪڍيو وڃي ۽ خطي تي قبضو ڪري گريٽر اسرائيل ٺاهيو وڃي. هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته هن جنگ بعد اسرائيل ۾ ڪهڙي ليڊرشپ اچي ٿي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته نيتن ياهو ناڪام ٿي چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته اسرائيل ۾ موڊريٽ قسم جي قيادت اچي ٿي ته شايد ڳالهيون شروع ٿي وڃن………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
35%
3.1m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون