اسرائيل جا هٿين خالي فلسطينين تي وحشياڻا حملا جاري آهي، يهودي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته النصيرات ڪيمپ ۾ گھرن تي حملن ۾ 41 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته خان يونس، رفح ۽ بيت الحنون ۾ بمباري ۾ ڪجهه شهادتن جا اطلاع آهن.
عرب ميڊيا موجب، هن وقت تائين 31 هزار 553 ڄڻا شهيد ۽ 73 هزار 546 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ بندي ڳالهيون اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، اسرائيلي وفد ۾ موساد جو سربراهه به شامل هوندو، جڏهن ته اسرائيل جو جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽا سٽا جي معاهدي تي غور جاري آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، معاهدو امڪاني طور تي ٽن مرحلن تي ٻڌل هوندو، پهرين مرحلي ۾ 350 فلسطيني قيدين جي بدلي 35 اسرائيلي قيدين جي آزادي هوندي………..