تازه ترين

اسرائيل جي غزه، رفح ۽ خان يونس ۾ دهشتگردي جاري جاري

اسرائيل جي غزه، رفح ۽ خان يونس ۾ دهشتگردي جاري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 25 فلسطيني شهيد ۽ 71 زخمي ٿيا آهن.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته رفح ۾ امداد جي منتظر شهرين تي بمباري ۾ 9 فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿيا جڏهن ته زيتون محلي ۾ حملي ۾ ٻن فلسطينين شهادت جو جام پيتو.

عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج خان يونس ۾ يورپي اسپتال حملي ۾ 11 فلسطينين کي  شهيد ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 37 هزار 400 ٿي ويو، 85 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

ٻئي اسرائيلي فوج اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو حماس کي شڪست نه ڏئي سگھيا آهن، حماس هڪ نظريو آهي جنهن کي هارائي نٿو سگھجي.

اسرائيلي فوجي ترجمان موجب، حماس کي شڪست ڏيڻ جو بيان اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي.

ٻئي پاسي ڊينيئل هگاري جي بيان کي نيتن ياهو آفيس رد ڪري ڇڏيو آهي.

نيتن ياهو آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه جنگ حماس کي شڪست ڏيڻ تائين ختم نه ٿيندي.

هوڏانهن حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله چيو آهي ته اسرائيلي فوج کي هر پاسي کي شڪست ملي رهي آهي، جيڪڏهن جنگ ٿي ته اسرائيل ۾ ڪابه جاءِ محفوظ نه رهندي.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي فوج جاني ۽ مالي نقصان تسليم نه پئي ڪري، هنن اسرائيل کي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
42 %
0.4kmh
23 %
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون