اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري ، وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
اسرائيل جي غزه تي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ غزه جي علائقي الڪرامه ۾ هوائي حملي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته زيتون واري علائقي ۾ 2 ڄڻن شهادت ماڻي. عرب ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 43 هزار 736 تائين پهچي ويو جن ۾ 17 هزار 210 ٻار به شامل آهن. عرب ميڊيا موجب، صيهوني بربيت سبب هن وقت تائين هڪ لک 3 هزار 76 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي لبناني علائقي قنا ۾ پاسي اسرائيلي بمباري سبب هڪ ئي گهر جا 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. عالمي ميديا جي رپورٽن موجب، شهيدن ۾ ٽي ٻار، ماءُ ۽ پيءُ شامل لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيدن جو انگ 3 هزار 445 ٿي ويو جڏهن ته 14 هزار 599 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ ٽيون زميني آپريشن مڪمل ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون