- Advertisement -
اسرائيل جي غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ بربريت جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 61 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته بوريج پناهگير ڪيمپ تي ٽينڪ سان حملي ۾ هڪ ۽ غزه سٽي جي اسڪول تي بمباري ۾ 11 فلسطينين شهادت جو جام پيو شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب، ديرالبلاح ۾ گاڏي تي حملي م به 4 فلسطينين شهادت جو جام پيتو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو انگ 40 هزار 735 ٿي ويو جڏهن ته 94 هزار 155 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي غزه مان هڪ امريڪي سميت 6 يرغمالين جا لاش هٿ آيا آهن، اسرائيلي فوج 4 مردن ۽ ٻن عورتن جا لاش ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.
هوڏانهن 6 يرغمالين جا لاش ملڻ کانپوءِ اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۾ اسرائيلي شهري روڊ تي نڪري آيا آهن.
مظاهرين وزيراعظم نيتن ياهو کان استعيفى ڏيڻ ۽ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.
حماس جو چوڻ آهي ته جن يرغمالين جا لاش مليا آهن اهي اسرائيلي هوائي حملن ۾ماريا ويا آهن.
حماس اڳواڻ موجب، هنن امريڪي صدر جوبائيڊن جي جنگ بندي تجويزون قبول ڪيون پر نيتن ياهو انهن کي رد ڪيو.- Advertisement -
