- Advertisement -
اسرائيل جي لبنان تي خوفناڪ بمباري سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 492 ڄڻا شهيد ۽ 16 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب لبنان جي ڏکڻ ۽ اوڀرندن علائقن ۾ اسرائيلي فوج بمباري ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو.
لبنان جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 492 ڄڻا شهيد ۽ سورنهن سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين جا ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شهيدن ۽ زخمين ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، جڏهن ته ڪيترائي گهر پڻ تباهه ٿي ويا.
عالمي ميڊيا موجب لبنان تي 300 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا.
صبح اسرائيلي فوج لبناني شهرين کي ٽيڪسٽ ميسج موڪليا هئا، جن ۾ کين حزب الله جي استعمال هيٺ گهرن ۽ عمارتن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -
