- Advertisement -
اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو بچاءَ واري وزير يوو گيلنٽ کي برطرف ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يوو گلينٽ جي جاءِ تي اسرائيلي پرڏيهي وزير ڪاٽز کي ملڪ جو نئون بچاءَ وارو وزير نامزد ڪيو آهي
ميڊيا رپورٽس موجب، وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير وچ ۾ مڪمل اعتماد جي ضرورت آهي،
جنگ جي وقت، دفاع واري وزير يوو گلينٽ تي مڪمل اعتماد ناهي، تنهن ڪري سندس خدمتون واپس وٺڻ ۽ ان جي جاءِ تي ڪاٽز کي بچاءَ وارو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نيتن ياهو گيلنٽ تي اسرائيل جي دشمنن جي اڻ سڌيءَ طرح الزام به لڳايو، سندس چوڻ هو ته انهن خالن کي ڀرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر اهي وڌندا ئي ويا.
واضح رهي ته اسرائيل جو برطرف ڪيل بچاءُ وارو وزير گيلنٽ ۽ وزيراعظم نيتن ياهو ٻنهي جو تعلق هڪ پارٽي سان آهي پر غزه ۾ گذريل هڪ سال کان جاري جنگ دوران ٻنهي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي.
نئين بچاءَ واري وزير ڪاٽز سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ چيو ته هو اسرائيلي رياست ۽ ان جي شهرين جي سلامتي لاءِ پنهنجون نيون ذميواريون هڪ مشن ۽ هڪ مقدس فرض جي طور تي سرانجام ڏيندو.
ٻئي پاسي هٽايل بچاءَ واري وزير يووگلينٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي رياست جي سلامتي هميشه سندس زندگي جو مش هو ۽ رهندو.- Advertisement -
