- Advertisement -
ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ قطعي معاهدي لاءِ سوئٽزر لينڊ ۾ رٿيل ٽيڪنيڪي ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون آهن.
سوئس پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اڄ طئه ٿيل پروگرام موجب برجنسٽاڪ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون نه ٿينديون.
سوئس پرڏيهي وزارت جي اختيارين موجب، برجنسٽاڪ ۾ لاڳاپيل تيارين جو عمل جاري رکيو ويو آهي، سوئٽرزلينڊ ڳالهين جي ميزباني ۽ مددگاري لاءِ تيار آهي.
آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به دورو ملتوي ڪري ڇڏيو.
وائيٽ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته في الحال جي ڊي وينس سوئٽرزلينڊ روانو نه ٿيندو، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪي ڳالهيون جلد شروع ٿينديون.- Advertisement -
