غزه ۾ جنگ بندي جي باقاعده شروعات ٿي ويئي، اسرائيلي حڪومت غزه ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي مٽاسٽا واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
غزه امن منصوبي جي منظوري لاءِ اسرائيلي حڪومت جي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم ۽ وزيرن، وچ اوڀر لاءِ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيريڊ ڪشنر شرڪت ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، حڪومت سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
معاهدي تحت، اٽڪل 2 هزار فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ اسرائيلي فوج جي جزوي واپسي جي بدلي مغوين کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج هاڻي غزه جي پٽي اندر نئين پوزيشنز تي منتقل ٿيندي، پر اٽڪل 53 سيڪڙو علائقي تي ڪنٽرول برقرار رکندي، جنهن کان پوءِ 72 ڪلاڪن جو عرصو ڏنو ويندو، جنهن دوران حماس سڀني يرغمالين کي آزاد ڪندي.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ گڏيل ٽاسڪ فورس تحت 2 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، غزه جي گڏيل فورس ۾ مصر ۽ قطر جا سپاهي شامل هوندا، جڏهن ته ڪو به آمريڪي فوجي غزه نه ويندو.
فلسطيني صدر محمود عباس اسرائيلي ٽي وي سان انٽرويو ۾ چيو ته اميد آهي ته جنگ بندي کان پوءِ امن، سلامتي ۽ استحڪام برقرار رهندو، اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ خونريزي ختم ٿي وئي آهي……….
