- Advertisement -
ڏکڻ آفريقا اسرائيل جي خلاف فلسطينين جي نسل ڪشي واري ڪيس ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل غزا ۾ فلسطينين جي منظم طريقي سان نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
نيدر لينڊز جي شهردي بيگ ۾ عالمي عدالت انصاف ۾ اسرائيل جي خلاف فلسطينين جي نسل ڪشي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڏکڻ آفريقا اسرائيل جي خلاف فلسطينين جي نسل ڪشي واري ڪيس ۾ دليل ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل غزا ۾ فلسطينين جي منظم طريقي سان نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
ڏکڻ آفريقا وڌيڪ چيو ته غزا ۾ ٽن مهينن دوران 23 هزار فلسطيني شهري قتل ڪيا آهن، جنهن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن.
ڏکڻ آفريقا چيو ته اسپتالن تي به بمباري ڪئي وئي، اسرائيل امداد روڪي ڏڪار پيدا ڪيو جنهن ڪري 93 سيڪڙو کي بک سان منهن ڏيڻو پيو آهي.
عالمي انصاف واري عدالت اسرائيلي حملا بنا دير بند ڪرائي، اسرائيل اڄ پنهنجا دليل ڏيندو.- Advertisement -