تازه ترين

اسرائيل فلسطيني تڪرار جي قابل عمل 2 رياستي حل ۽ فوري جنگ بندي ضروري آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسرائيل فلسطيني تڪرار جي قابل عمل 2 رياستي حل ۽ فوري جنگ بندي تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين جي لاءِ 2 رياستي حل بابت ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس شروع ٿي وئي آهي جنهن جي ميزباني فرانس ۽ سعودي عرب ڪري رهي آهن. يو اين جنرل اسيمبلي گذريل سال فيصلو ڪيو هو ته اهڙي ڪانفرنس 2025 ۾ ٿيڻ گھرجي پر جون ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ايران تي اسرائيلي حملي کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي هئي. ڪانفرنس کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خطاب ۾ اسرائيل فلسطيني تڪرار جي قابل عمل 2 رياستي حل تي زور ڏنو. يو اين سيڪرٽري جنرل چيو ته غزه جي تباهي برداشت ڪرڻ جوڳو  ناهي، غزه جي خاتمي جو جواز پيش نٿو ڪري سگھجي، غزه مسئلو دنيا جي اکين آڏو آهي. ٻئي پاسي ڪانفرنس کي خطاب ڪدي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته 2 رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي چاٻي آهي. هن ڇيو ته فلسطيني عوام جي جائز ۽ قانوني حقن جي فراهمي بنا خطي ۾ امن جو خواب پورو نٿو ٿي سگھي. سعودي پرڏيهي وزير فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرو جي سيپٽمبر ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽چيو ته هي ڪانفرنس 2 رياستي حل جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. هن واضع ڪيو ته جيستائين فلسطين رياست قائم نه ٿيندي اسرائيل سان لاڳاپا قائم نٿي ٿي سگھن………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون