اسرائيل لبنان تي زميني حملا شروع ڪري ڇڏيا، پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي ٽينڪ ۽ آرٽيلري جي حملن جا اطلاع مليا آهن، اسرائيلي فوج ڪابينا جي منطور کانپوءِ اڳڀرائي شروع ڪندي.
اسرائيلي عهديدارن چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي ڳوٺ ۾ محدود پيماني تي ٽارگيٽيڊ ڪارروائيون ڪندي.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج لبناني سرحد ڀرسان آبادين کي فوجي ڇاڻوڻي قرار ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته لبناني آرمي پنهنجا مورچا ڇڏي پوئتي هٽي وئي آهي، ايئرفرانس به بيروت ۽ تل ابيب لاءِ 8 آڪٽوبر تائين اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن.
ٻئي پاسي امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز لبناني سرزمين تي ڇاپا هنيا آهن، اهي ڇاپا امڪاني زميني حملن جي تياري جي سلسلي ۾ هنيا ويا.
ٻئي طرف لبناني اختيارين موجب بيروت جي ڏکڻ ۾ واقع عين الدليب ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 45 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران لبنان ۾ شهيدن جو انگ 136 ٿي ويو آهي، شهيدن ۾ فلسطين لبريشن فرنٽ جا ٽي ميمبر به شامل آهن.