تازه ترين

اسرائيل هڪ قابض ملڪ آهي، کيس پنهنجي دفاع جو ڪوبه حق نه آهي : روس

روس غزه تي اسرائيلي بمباري لاءِ اسرائيلي ۽ اولهه طرفان “دفاع جي حق” کي رد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هڪ قابض ملڪ آهي، کيس پنهنجي دفاع جو ڪوبه حق نه آهي.

غزه صورتحال بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خاطب ڪندي روسي نمائندي ويسلي نيبينزيا غزه جي معاملي تي عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ معصوم شهرين جي نسل ڪشي تي خاموشي ۽ يوڪرين معاملي تي شور ڪرڻ تي اولهه جي ٻٽي معيار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

هن چيو ته غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين تي اکيون  بند نٿيون ڪري سگھجن.

روسي نمائندي چيو ته 2004 جي عالمي انصاف واري عدالت جي ايڊوائزري تحت اسرائيل فلسطين جي والاري علائقن مان پيش ايندڙ خطرن يا حملن جي صورت ۾ ڪاررواين لاءِ گڏيل قومن جي حق دفاع جي شق جو استعمال نٿو ڪري سگھي.

هن چيو ته هو اسرائيل جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جو حق تسليم ڪن ٿا پر اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن هو گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي.

گڏيل قومن ۾ مقرر روسي نمائندي وچ اوڀر ۾ خونريزي روڪڻ تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ بحران کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سفارتي حل جو مطالبو پڻ ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
18 %
2.6kmh
100 %
ڇنڇر
8 °
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون