تازه ترين

اسرائيل ڏکڻ غزه تي حملو ڪري وڌيڪ 10 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
دهشتگرد اسرائيل هٿان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي. اسرائيل ڏکڻ غزه تي حملو ڪري وڌيڪ 10 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، يهودي فوج اتر وارن علائقن تي لاڳيتو بمباري جاري آهي، خان يونس  تي حملي ۾ 7 ٻارن سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنگ ۾ فلسطيني شهيدن جو مجموعي انگ 50 هزار 886 ٿي ويو. عرب ميڊيا موجب، والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڇاپن ۾ ڪيترن ئي فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو، اسرائيلي فوج جنين پناهگير ڪيمپ ۾ ڪجهه گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ٻئي پاسي سعودي عرب فلسطيين کي سندن سرزمين تان بيدل ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. سعودي پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ فوري ۽ مستقل بنيادن تي جنگ بندي ٿيڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته غزه جي شهرين کي امداد کان محروم ڪرڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون