- Advertisement -
اسرائيل ۽ حماس امريڪا جي تجويز ڪيل غزه امن معاهدي جي پهرين مرحلي تي صحي ڪري ورتي.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري پيغام ۾ اعلان ڪيو ته ان معاهدي تحت سمورن يرغمالين جي جلد آزادي عمل ۾ آندي ويندي ته جيئن اسرائيل پنهنجي فوج اتفاق ڪيل لائين تي واپس گھرائي.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هي امن جي ڊگھي مدي ۽ پائيدار سفر جي پهرين وڏي اڳڀرائي آهي ۽ سموريون ڌرين سان منصفاڻو ورتاءُ ڪيو ويندو.
هن انهيءَ تاريخي ۽ غير معمولي معاهدي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر، مصر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اڄوڪو ڏينهن عرب ۽ مسلم دنيا، اسرئيل، سمورن پاڙيسري ملڪن ۽ امريڪا لاءِ هڪ عظيم ڏينهن آهي.
ٻئي پاسي قطري پرڏيهي وزارت به غزه جنگ بندي جي پهرين مرحلي تي معاهدو طئي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
قطري پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته غزه جنگ بندي جي پهرين مرحلي تي معاهدو طئي ٿي ويو آهي جنهن جي نتجي ۾ جنگ جي خاتمي، اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ امداد جي فراهمي ممڪن ٿيندي، تفصيلن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو مختصر جاري بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي لاءِ پرعزم آهي، هو پنهنجي سمورين يرغمالين کي واپس آڻيندا…….- Advertisement -
