تازه ترين

اسرائيل ۽ ڀارت پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي امن جي ڏهاڙي تي دنيا جي قومن وچ ۾ امن جي اصولن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. عالمي امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي امن جي ڏهاڙي تي دنيا جي قومن وچ ۾ امن جي اصولن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا، هن سال عالمي امن جي ڏهاڙي جو عنوان امن جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي، اسرائيل ۽ ڀارت پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عالمي امن لاءِ خطرو آهن. سندس چوڻ هو ته سڀني کي دنيا جي قومن وچ ۾ امن، رواداري ۽ ڀائپي جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ گهرجي، اڄ دنيا مختلف علائقن ۾ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن کي منهن ڏئي رهي آهي، تڪرار عالمي امن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسرائيل، فلسطين ۾ دهشتگردي جي بازار گرم ڪري رکي آهي، اسرائيل، غزا ۾ قتل عام سان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، هندوتوا سان متاثر مودي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي، ڀارت مسلمانن کان بنيادي حق کسي رهيو آهي. عالمي امن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي حڪومت ۽ عوام جنگ توڙي تڪرارن کان پاڪ پرامن دنيا لاءِ عالمي برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ جي دنيا ڪيترن ئي تڪرارن سبب ورهاست جو شڪار آهي، دنيا جي قومن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ ۽ امن لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڳالهين ذريعي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ تي پختو يقين رکي ٿو، هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻن تڪرارن جو حل ڪرڻ ضروري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30 ° C
30 °
30 °
32 %
3kmh
0 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون