تازه ترين

اسلام آباد، سنڌ ۽ پشاور هائيڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز قسم کڻي ورتو

اسلام آباد، سنڌ ۽ پشاور هائيڪورٽن جي وقتي چيف جسٽسز قسم کڻي ورتو آهي.

جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي.

صدر آصف علي زرداري، جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جو قسم کڻايو.

جسٽس محمد جنيد غفار سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.

سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس محمد جنيد غفار کي قسم کڻايو.

قسم کڻڻ واري تقريب ۾ جسٽس محمد اقبال، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس عدنان ڪريم، جسٽس امجد سهتو، آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس آغا فيصل ۽ جسٽس ثنا اڪرم منهاس شرڪت ڪئي.

جسٽس جنيد غفار 14 سيپٽمبر 1963ع ۾ پيدا ٿيو، 1990ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 2013ع ۾ سنڌ هائيڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو.

جسٽس جنيد غفار، چيف جسٽس سنڌ هائيڪورٽ جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سپريم ڪورٽ ۾ ترقي بعد سنڌ هائيڪورٽ ۾ سينيارٽي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.

جسٽس ايس ايم عتيق شاهه پشاور هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو.

پشاور هائيڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس پشاور ۾ ٿي.

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي قسم کڻايو.

قسم کڻڻ واري تقريب ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور به شرڪت ڪئي.

قسم کڻڻ واري تقريب ۾ پشاور هائيڪورٽ جي ججن، وڪيلن ۽  ٻين شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
14 %
2.2kmh
30 %
اربع
19 °
خميس
20 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون