تازه ترين

اسلام آباد: فيصل واوڊا جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

- Advertisement -
سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27هين ترميم آسانيءَ سان منظور ٿي ويندي، مولانا فضل الرحمان سياست جو اهم ڪردار آهي، پنهنجي فوج کي حمايت جي ضرورت آهي، دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي ترميم ڪرڻيون پونديون اهي ٿي وينديون. فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران 27هين آئيني ترميم سميت ملڪي سياسي جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار آهي، کيس ته 27هين ترميم آسانيءَ سان پاس ٿيندي نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، هو ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريديءَ کي ڀليڪار ڪن ٿا، جيڪڏهن هن مولا جٽ واري سياست ڪئي ته ڏنڊو به ڦِرندو ۽ گورنر راڄ جو آپشن به موجود آهي. فيصل واوڊا چيو ته پ پ جمهوري پارٽي نظام کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏنو ويندو، ارڙهين ترميم کي ختم نه پيو ڪيو وڃي، مولانا پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. هن چيو ته پنهنجي فوج کي حمايت جي ضرورت آهي، دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي ترميم ڪرڻيون پونديون اهي ٿي وينديون، پاڪستان سدائين زنده باد رهندو، ڪو به مونجهارو نه رهڻ گهرجي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته جنگ رڳو زمين، سمنڊ ۽ هوا ۾ ناهي ٿيندي، سائبر جنگ، موقف جي جنگ ۽ معيشت جي جنگ به ٿيندي آهي، پنهنجي فوج جي مضبوط ڪيو ويندو، فوج مضبوط ٿيندي ته ملڪ جو دفاع به مضبوط ٿيندو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
10.5 ° C
10.5 °
10.5 °
13 %
1.9kmh
19 %
آچر
10 °
سُومر
18 °
اڱارو
18 °
اربع
18 °
خميس
19 °

تازه ترين خبرون