تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد: فيصل واوڊا جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

- Advertisement -
سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 27هين ترميم آسانيءَ سان منظور ٿي ويندي، مولانا فضل الرحمان سياست جو اهم ڪردار آهي، پنهنجي فوج کي حمايت جي ضرورت آهي، دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي ترميم ڪرڻيون پونديون اهي ٿي وينديون. فيصل واوڊا اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران 27هين آئيني ترميم سميت ملڪي سياسي جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته مولانا فضل الرحمان جو ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار آهي، کيس ته 27هين ترميم آسانيءَ سان پاس ٿيندي نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، هو ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريديءَ کي ڀليڪار ڪن ٿا، جيڪڏهن هن مولا جٽ واري سياست ڪئي ته ڏنڊو به ڦِرندو ۽ گورنر راڄ جو آپشن به موجود آهي. فيصل واوڊا چيو ته پ پ جمهوري پارٽي نظام کي ڊي ريل نه ٿيڻ ڏنو ويندو، ارڙهين ترميم کي ختم نه پيو ڪيو وڃي، مولانا پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو. هن چيو ته پنهنجي فوج کي حمايت جي ضرورت آهي، دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪي ترميم ڪرڻيون پونديون اهي ٿي وينديون، پاڪستان سدائين زنده باد رهندو، ڪو به مونجهارو نه رهڻ گهرجي. سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته جنگ رڳو زمين، سمنڊ ۽ هوا ۾ ناهي ٿيندي، سائبر جنگ، موقف جي جنگ ۽ معيشت جي جنگ به ٿيندي آهي، پنهنجي فوج جي مضبوط ڪيو ويندو، فوج مضبوط ٿيندي ته ملڪ جو دفاع به مضبوط ٿيندو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون