اسلام آباد هائيڪورٽ، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ بانيءَ خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
نيب پراسيڪيوٽر امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته اها رقم حڪومت ڏانهن اچڻ گهرجي ها، جنهن تي جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته اها رقم ڏوهه کان حاصل ڪيل هئي؟
جسٽس طارق جهانگيري چيو ته اوهان وٽ ڪي دستاويز ناهن، سمورين زباني ڳالهيون آهن، پهريان پڇيو ويو ته فريزنگ يا ڊي فريزنگ جو آرڊر آهي؟ ان تي چيو ويو ته انهن مان ڪو به دستاويز ناهي، ڇا اوهان وٽ آئوٽ آف ڪورٽ سيٽلمينٽ جون شاهديون آهن؟
هن چيو ته اوهان رڳو اهي ڳالهيون ڪريو، جن جا ثبوت موجود هجن.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سادو سوال آهي کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي ته اوهان جواب ڇو نه ڏئي رهيا آهيو.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ آرڊر ۾ لکيو ته پيسو رياست جو آهي، عدالت قرار ڏئي چڪي آهي ته رقم سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ غلط موڪلي وئي، ايسٽ رِڪوري يونٽ وزيراعظم کي اها رقم منجمد ڪرائڻ پنهنجي ڪاميابي ٻڌائي، دستاويزن موجب رقم نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي اجازت کانسواءِ منتقل نه ٿي سگهي ها.
جسٽس طاهر جهانگيري چيو ته وزيراعظم کي ڏنل نوٽ کان اڳ منتقل ڪيل رقم بابت اوهان ڇا چوندا؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪانفيڊينشيلي ڊيڊ ٿيڻ بعد اها رقم منتقل ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني ايسٽ رڪوري يونٽ جو سربراهه هو.
جسٽس جهانگيري چيو ته ڪانفيڊينشلي ڊيڊ ۾ ته اهو ناهي لکيل ته رقم سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ اچي وئي آهي، امجد پرويز چيو ته عدالت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪانفيڊينشيلي ڊيڊ کي ٻيهر پڙهيو آهي.
ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ بانيءَ جي ضمانت تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.