تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي سينارٽي جي معاملي تي نئون تڪرار

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ جي ججن جي سينارٽي جي معاملي تي نئون تڪرار پيدا ٿي ويو، پنجن ججن سينارٽي لسٽ خلاف ري پريزنٽيشن اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن به موڪلي ڇڏي آهي. عدالتي ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريديءَ کي به ججن جي ري پريزنٽيشن جي ڪاپي موڪلي وئي آهي، اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي منظوريءَ سان اڱاري ڏينهن ججن جي سينارٽي لسٽ جاري ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن، جسٽس اعجاز اسحاق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز به ري پريزنٽيشن موڪليندڙن ۾ شامل آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته  جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر طرفان به ڌار سان ري پرينزٽيشن فائل ڪرڻ جو امڪان آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون