اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽيڪس نه ڏيندڙن جي موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته عدالت موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه رڳو خانگي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو، جيڪڏهن ڪو ٽيڪس نه ٿو ڏي ۽ سندس نالي تي ٻار سم استعمال ڪري رهيو آهي ته ڇا ڪندا؟ غريب ماڻهو ڇا ڪندو جنهن پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي؟.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽيڪس نه ڏيندڙن جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڄ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آهيو، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته موبائل سمن وارو آرڊر هو، جنهن جو منع نامو خارج ڪرائڻو هو.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ميڊيا کي درخواست آهي ته گذريل ڀيري جيڪو آرڊر ٿيو هو، اهو ائين نه هو جيڪو عام مزدور آهي اهو هن ۾ شامل نه هوندو، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته جي بلڪل انهن کي ته نوٽيس ئي نه ويندو.
چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هن ۾ خوف اهو هوندو آهي ته ايف بي آر وارا هر هڪ کي پنهنجي لوپ ۾ وٺندا آهن، هاڻي هر ماڻهو وڃي ٻڌائي رهيو آهي ائين ناهي، هاڻي ڪير ڪير ويندو ايف بي آر وٽ ڪو رول ريگوليشن به ته ڏنو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه رڳو خانگي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو، جيڪڏهن ڪو ٽيڪس نه ٿو ڏي ۽ سندس نالي تي ٻار سم استعمال ڪري رهيو آهي ته ڇا ڪندا؟ غريب ماڻهو ڇا ڪندو جنهن پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي؟.
اٽارني جنرل عدالت کي منع نامو خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي 22 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو