اسلام آباد هائيڪورٽ سائفر ٽرائل بابت منع نامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ سائفر ٽرائل بابت منع نامي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي باني تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟ جنهن تي وڪيل عثمان گل چيو ته ڳالهه اها آهي ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان اڳ قانوني عمل مڪمل نه ڪيو ويو، جج جنهن نوٽيفڪيشن جو حوالو ڏنو اهو پهرين ڊسمبر جو آهي ۽ سائفر ٽرائل روزاني جي بنيادن تي هلي رهيو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڪيترن شاهدن جا بيان مڪمل ٿي چڪا آهن؟ جنهن تي وڪيل چيو ته 27 شاهدن مان 25 جا بيان قلمبند ٿي چڪا آهن ۽ ٽن کان آڏي پڇا مڪمل ٿي چڪي آهي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل سائفر ٽرائل تي منع نامو جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي چيو ته پهريان نوٽيس ٿيندا. عدالت سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست تي وفاق کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ تحريڪ انصاف جي باني جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي سائفر ٽرائل سمورا ضروري دستاويز جمع ڪرايو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون