تازه ترين

اسلام آباد هائيڪورٽ نواز شريف کي ڏيهه واپسيءَ تي سندس گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هائيڪورٽ العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس ڏيهه واپسيءَ تي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران نواز شريف جا وڪيل امجد پرويز، اعظم نذير تارڙ، نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود ۽ افضل قريشي عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران اعظم نذير تارڙ دليل ڏيندي چيو ته نواز شريف ٽرائلو ڪورٽ ۾ اشتهاري هو جنهن ۾ گرفتاري وارنٽ معطل ٿي ويا آهن جنهن تي چيف جسٽس سوال ڪيو ته اوهان وٽ اهو آرڊر آهي؟.

اعظم نذير تارڙ چيو ته آرڊر ٿي ويو آهي وڪيل احتساب عدالت کان اچن پيا.

عدالت العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف  جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس ڏيهه واپسيءَ تي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
1.4kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون