اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرڻ جو ميڪنزم طئه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقاتن تي پابندي جي آرڊر خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
اڊيالا جيل جو سپرنٽينڊنٽ اسد وڙائچ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته ملاقاتن لاءِ هڪ سئو درخواستون اچي رهيون آهن.
وڪيل شير افضل مروت چيو ته جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي عدالت ۾ اهو طئي ٿي ويو آهي.
سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل چيو ته حڪم هو ته وڪيلن کانسواءِ 6 ماڻهن کي ملڻ جي اجازت هوندي، سندس وٽ 7 هزار قيدي آهن، عدالت روزانو 6 ماڻهن کي ملڻ جي اجازت ڏني جيڪا سندن لاءِ ممڪن ناهي.
جسٽس ارباب طاهر سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان روز نوان اعتراض کڻي ايندا آهيو، انهن آرڊرز کي فيلڊ ۾ هوندي توهان کي ڏسڻو آهي، ڇا اوهان انهن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ چاهيو ٿا؟
عدالت جيل اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته اهڙا ماڻهو آهن جن کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ شير افضل مروت، قومي اسيمبلي جا ميمبر، سينيٽر، اوهان انهن کي چيڪ ڪريو، عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندا ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه ٿي؟.
سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل اسد وڙائچ چيو ته هو عدالت جي حڪم تي عمل ڪري رهيو آهي، اهو به پنجاب جي گهرو کاتي جو نوٽيفڪيشن آهي.
عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي چيو ته اوهان جي شرطن تي فيصلو ٿيو ته ڪڏهن ملندا، اوهان خلاف توهين عدالت جون درخواستون اڳ ئي موجود آهن.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات جو ميڪنزم طئي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ٻئي ڌريون ويهي ميڪنزم ٺاهن ۽ اڄ ئي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي