تازه ترين

اسلام آباد ۾ برسات، نالا ڀرجڻ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب مارگلا جي جبلن مان ايندڙ پاڻي سان نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، جنهنڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. چوماسي جي برسات سبب نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، ڀاره ڪهو، چڪ شهزاد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. چٺا بختاور ۾ برسات کانپوءِ گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪيتريون ئي گاڏيون ٻڏي ويون، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. چڪ شهزاد ۽ پارڪ روڊ سان گذرندڙ برساتي نالن ۾ چاڙهه سببب خانگي هائوسنگ سوسائٽيز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. رات دير سان برسات سبب راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 750 ڏهائي 60 فٽ تائين پهچي وئي، جنهن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اسپل وي کوليا ويا. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي موجب، چوماسي جي برسات سبب خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون