تازه ترين

اسلام آباد ۾ برسات، نالا ڀرجڻ سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب مارگلا جي جبلن مان ايندڙ پاڻي سان نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، جنهنڪري هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. چوماسي جي برسات سبب نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، ڀاره ڪهو، چڪ شهزاد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. چٺا بختاور ۾ برسات کانپوءِ گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪيتريون ئي گاڏيون ٻڏي ويون، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. چڪ شهزاد ۽ پارڪ روڊ سان گذرندڙ برساتي نالن ۾ چاڙهه سببب خانگي هائوسنگ سوسائٽيز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. رات دير سان برسات سبب راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح هڪ هزار 750 ڏهائي 60 فٽ تائين پهچي وئي، جنهن سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اسپل وي کوليا ويا. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا ۽ سيالڪوٽ ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي موجب، چوماسي جي برسات سبب خيبرپختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري ۽ گلگت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
34 %
1.4kmh
22 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون