- Advertisement -
اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪندي شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڏڦيڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ۾ فوج طلب ڪئي ويئي آهي، گهرو وزارت نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي گهرايو ويو آهي ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته قانون ٽوڙيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج کي ڪنهن به علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ ڪرفيو لڳائڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن.
ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن کي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي موقعي تي گولي هڻڻ جا واضح حڪم ڏنا ويا آهن.- Advertisement -
