تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد ۾ قيدين جي وينن تي حملي بعد پي ٽي آءِ جي ٻن فرار ايم پي ايز سميت سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ قيدين جي وينن تي حملي بعد پي ٽي آءِ جي ٻن فرار ايم پي ايز سميت سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، رٿابنديءَ سان پوليس وينن تي حملو ڪيو ويو، جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي. پوليس موجب ڊي چوڪ تي احتجاج دوران گرفتار ڪيل 82 جوابدارن کي عدالت مان پيشيءَ بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته سنگجاني ٽول پلازه تي قيدين جي ٽن وينن تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي ٽن ايم پي ايز سميت ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا. قيدين جي وين ۾ ايم پي اي انور زيب، لياقت، ياسر قريشي به موجود هئا، وين گرفتار سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به هئا. پوليس موجب حملي سبب چار پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو ته ٽن وينن ۾ 82 قيدي موجود هئا،  جن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته سنگجاني ٽول پلازه وٽ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن دوران ڪجهه قيدي وين مان فرار ٿي ويا. هن چيو ته فرار ٿيل سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. آءِ جي اسلام آباد چيو ته حملو ڪندڙن جو انگ 18 کان ويهه هو، جن ۾ هڪ ايم پي ايَ جو پٽ به شامل هئو، پوليس چئن حملو ڪندڙن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ ايم پي اي جو پٽ، هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه ٻيا جوابدار شامل آهن. ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو  سنگجاني ٽول پلازه وٽ پوليس وينن تي حملو ڪري  قيدين کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف سدائين تشدد جي سياست ڪئي آهي، فوجي ٿاڪن تي حملا به هنن جي تاريخ رهي آهي. عطا تارڙ چيو ته  فرار جي ڪوشش ڪندڙ سمورن 82 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي،، واقعي۾ ملوث جوابدارن کي خلاف قانون ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
15.4 ° C
15.4 °
15.4 °
28 %
1.3kmh
93 %
جمعو
16 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °
سُومر
17 °
اڱارو
16 °

تازه ترين خبرون