تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ۾ قيدين جي وينن تي حملي بعد پي ٽي آءِ جي ٻن فرار ايم پي ايز سميت سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

اسلام آباد ۾ قيدين جي وينن تي حملي بعد پي ٽي آءِ جي ٻن فرار ايم پي ايز سميت سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، رٿابنديءَ سان پوليس وينن تي حملو ڪيو ويو، جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي.

پوليس موجب ڊي چوڪ تي احتجاج دوران گرفتار ڪيل 82 جوابدارن کي عدالت مان پيشيءَ بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته سنگجاني ٽول پلازه تي قيدين جي ٽن وينن تي اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن بعد پي ٽي آءِ جي ٽن ايم پي ايز سميت ڪيترائي قيدي فرار ٿي ويا.

قيدين جي وين ۾ ايم پي اي انور زيب، لياقت، ياسر قريشي به موجود هئا، وين گرفتار سرڪاري ملازم ۽ پوليس اهلڪار به هئا.

پوليس موجب حملي سبب چار پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي چيو ته ٽن وينن ۾ 82 قيدي موجود هئا،  جن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد اٽڪ جيل منتقل ڪيو پئي ويو ته سنگجاني ٽول پلازه وٽ اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪيو، جنهن دوران ڪجهه قيدي وين مان فرار ٿي ويا.

هن چيو ته فرار ٿيل سمورن قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس قيدين جي فرار ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي.

آءِ جي اسلام آباد چيو ته حملو ڪندڙن جو انگ 18 کان ويهه هو، جن ۾ هڪ ايم پي ايَ جو پٽ به شامل هئو، پوليس چئن حملو ڪندڙن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جن ۾ ايم پي اي جو پٽ، هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه ٻيا جوابدار شامل آهن.

ان سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو  سنگجاني ٽول پلازه وٽ پوليس وينن تي حملو ڪري  قيدين کي فرار ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف سدائين تشدد جي سياست ڪئي آهي، فوجي ٿاڪن تي حملا به هنن جي تاريخ رهي آهي.

عطا تارڙ چيو ته  فرار جي ڪوشش ڪندڙ سمورن 82 قيدين کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي،، واقعي۾ ملوث جوابدارن کي خلاف قانون ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون