اسلام ڪوٽ کان چوپايو مال کڻي ايندڙ گاڏيءَ ۾ سوار واپاري کان هٿياربندن پاران ڪراچي ۾ ڦر ڪئي وئي.
ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ جوابدارن ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻائي 65 ڍورن سان ڀريل گاڏي ڪاهي ويا.
متاثر واپاري جو چوڻ هو ته ٻهراڙي مان مال کڻي ڪراچي وڪرو ڪرڻ لاءِ آندو هو جيڪو ڦر ٿي ويو.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل ڍور واپس ڪرايا وڃن.