- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اسلام ۾ ڪنهن به مذهب يا عبادتگاهن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ناهي، معاشري ۾ پيدا ٿيل خرابين جي خاتمي لاءِ عالمن کي مدد ڪرڻ گهرجي، ٽريفڪ قانونن تي عمل سان شهرين جي جان محفوظ ٿي رهي آهي.
لاهور ۾ عالم سڳورن ۾ اعزازي ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اوهان ڏک ۽ خوشي جي موقعي تي سندن رهنمائي ڪندا آهيو، هو شايد اوهان کي جائز مقام ناهن ڏئي سگهيا.
سندس چوڻ هو ته سڄي پنجاب ۾ 80 هزار مسجدون آهن، کيس 70 هزار مسجدن جي پيش امامن طرفان درخواستون مليون آهن.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ڪيترن ئي مسجدن جي امامن چيو ته کين هر مهيني پنج هزار رپيا ملندا آهن ته سندس دل کي تڪليف ٿي.
مريم نواز چيو ته عالم سڳورن جي خدمت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، هو عالم سڳورن ۽ پيش امامن کي هر مهيني 25 هزار رپيا ڏيندا.
هن چيو ته مذهبي نفرت ۽ ورهاست کي روڪڻ سمورن عالم سڳورن جي ذميواري آهي، ڪيترن ئي ماڻهن مذهب جي نالي تي فتني کي هٿي وٺرائي.
پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته اسلام ۾ ڪنهن به مذهب يا عبادتگاهن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ناهي، معاشري ۾ پيدا ٿيل خرابين جي خاتمي لاءِ عالمن کي مدد ڪرڻ گهرجي.
مريم نواز چيو ته ٽريفڪ قانونن تي عمل سان شهرين جي جان محفوظ ٿي رهي آهي، پاڪستان اسلام جي نالي تي حاصل ڪيو ويو، هو چاهن ٿا ته ملڪ ۾ اتحاد ۽ امن کي هٿي ملي.
- Advertisement -
