وزيراعظم شهباز شريف حماس سربراهه اسماعيل هانيا جي قتل کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسماعيل هانيا جو قتل عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، فلسطين ۾ رت جي راند کيڏي پئي وڃي، شهرن جا شهر زمين جي نقشي سان ميسارجي رهيا آهن، اسرائيلي دهشتگردي تي دنيا جي خاموشي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
پارليامينٽ ميمبر سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ نون مهينن کان رت جي راند کيڏي پئي وڃي، ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته غزا ۾ اسپتالون مڪمل طور تباهه ڪيو ويون، تهران ۾ پيش آيل واقعي جي سڄي دنيا سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، سرحد اورانگي راڪيٽ ذريعي اسماعيل هانيا کي شهيد ڪيو ويو، عالمي قانون ٽوڙيا ويا.
شهبازشريف چيو ته اهڙن واقعن تي دنيا جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي، اسرائيلي فوج تباهي ڪري رهي آهي، تهران واقعو ترقي يافتا ملڪن لاءِ وڏو چئلينج ۽ سانحو آهي.
شهبازشريف چيو ته بشام واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، چيني وفد جو پاڪستان جو دورو فائديمند ثابت ٿيندو.
وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ کاڻ کوٽڻ، آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعتي سهڪار وقت جي گهرج آهي، چين جي سهڪار سان پاڪستان سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آهي.