- Advertisement -
ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر ميجر جنرل حسين سلامي چيو آهي ته هو اسماعيل هنيه جي شهادت جو پلاند جلد وٺندا.
عرب ميڊيا موجب پاسداران انقلاب جي سربراهه ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايران جو عوام جلد اسرائيل تي جوابي حملي بابت سٺي خبر ٻڌندو.
جنرل حسين سلامي پنهنجي تقرير ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ايران جي خود مختياري ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي ڏوهه ۾ صيهوني رياست کي انتقامي ڪارروائي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
عرب ميڊيا موجب، ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر پنهنجي تقرير ۾ اسرائيل تي جوابي ڪارروائي بابت ڪو ٽائم فريم نه ڏنو….- Advertisement -
