وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڏوهن پويان منشيات مافيا جو اهم ڪردار آهي، ان ڪري ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻي پوندي، سيف سٽي جو پهريون مرحلو 5 ڏهائي 6 بلين رپين جي لاڳت سان شروع ٿي چڪو آهي، هو چاهي ٿو ته عوام بنا خوف گهمي ڦري سگهن.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ضياءَ الحسن لنجار، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪيرٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ 574 ڊرگ ڊيلر آهن، جن مان 299 گرفتار ۽ 270 فرار آهن، 5 ڊيلر ماريا ويا آهن.
وڏي وزير شهر جي داخل ۽ نڪرڻ وارن رستن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ڊرونز خريد ڪيا ويا آهن، ان جي استعمال بابت آفيسرن کي تربيت ڏني ويندي.
وڏي وزير ڪچي ۾ سکر پوليس ڪمانڊو اسڪول کي اپگريڊ ڪرڻ جي هديت ڪئي.
سيد مراد علي شاهه چيوته اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڏوهن پويان منشيات مافيا جو اهم ڪردار آهي، ان ڪري ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي نظر رکڻ لاءِ سيف سٽي تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، 13 سئو ڪئمرائون نصب ڪرڻ جو ڪم جاري آهي.
وڏي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي، پوليس، رينجرز ۽ ٻيا ادارا گڏجي امن امان قائم ڪن.