تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جيڪي استاد سسٽم ۾ موجود آھن، انهن کي پاڻ پڙھڻ نٿو اچي : سردار شاهه

- Advertisement -
تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته جيڪي استاد سسٽم ۾ موجود آھن، انهن کي پاڻ پڙھڻ نٿو اچي، هن چيو ته 6 ھزار گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڪراچي  ۾ تعليم کاتي پاران اسڪولن ۾ داخلائن کي بھتر بڻائڻ بابت يونسيف جي سھڪار سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار ساھه، سيڪريٽري تعليم، سِي اِي او سيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار شاھ چيو ته جيڪي استاد سسٽم ۾ موجود آھن، انهن کي پاڻ پڙھڻ نٿو اچي. هن چيو ته 6 ھزار گوسڙو استادن خلاف ڪارروائي ڪئي آھي، جيڪي گوسڙو استاد اسڪولن۾ واپس نه ايندا، انهن کي برطرف ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته عادي غير حاضر رھندڙ استادن سان ڪابه رعايت نه ٿيندي، سنڌ ۾ 50 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن، جيڪو ِ وڏو چئلينج آھي. هن چيو ته نوجوانن کان ٽيسٽ وٺي انهن کي ڀرتي ڪيو آھي، اميد آھي ته 30 سال کان ڀرتي ٿيل استاد به ٽيسٽ پاس ڪري ويندا، ٽي ٽي اسڪول جيڪڏھن هڪ هڪ ايم پي اي ڏسندو ڪندو ته مسئلو حل ٿي ويندو. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته ايم پي ايز کي فند ملي رھيا آھن، ايم پي ايز کي اسڪول ڏيڻ لاءِ قانوني ليٽر لکيو آھي. صوبائي وزير چيو ته سيف جي  اسڪولن ۾ ٻار اچن ٿا يا نـ ان تي مڪمل نظرثاني ڪندا، هو استادن جي ٽيم ٺاهيندا جيڪا گهر گهر وڃي ماڻهن کي بي فارم بابت آگاهي ڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون