تازه ترين

اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسٽيٽ بئنڪ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح ٻن مهينن لاءِ 22 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هلندڙ مال سال دوران ناڻي واڌ جي شرح 20 کان 22 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته ايندڙ مهينن دوران مهانگائي ۾  ترتيبوار گهٽتائي ٿيندي ۽ ٻئي شماهي ۾  دوران مهانگائي تيزي سان گهٽ ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح کي5 کان 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جو ٽارگيٽ برقرار آهي، مالي سال 2025 جي پڄاڻي تائين مهانگائي جي شرح پنج کان ست سيڪڙو اچڻ جو امڪان آهي.

جميل احمد چيو ته معاشي ترقي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو تائين رهندي،  معاشي  شرح اندروني ۽ پرڏيهي صورتحال تي آهي.

هن چيو ته شيون ٻاهران گهرائڻ تي سموريون پابنديون ختم ڪيون ويون آهن، امپورٽ لاءِ مارجن جو شرط به ختم ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته بئنڪون پنهنجي ڪريڊٽ پاليسي ۽ رسڪ ڏسندي فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن، ڪسٽمر هڪ کان ٻئي بئنڪ تي وڃي سگهي ٿو.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته هاڻي پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 8 ڏهائي 7 ارب ڊالر تي اچي ويا آهن، پرڏيهي قرضن جي ادائگي به ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته حڪومت فنانسنگ لاءِ انفلوز انتظام ڪيا آهن،  پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا  ڊسمبر ۾ بهتر ۽ جون ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندا.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته ايندڙ مالي سال معاشي ترقي جي شرح وڌيڪ بهتر ٿيندي، ايڪسٽرنل سائڊ مسئلا حل ٿيڻ جي صورت ۾ معاشي شرح مستحڪم ٿي وئي ۽ تسلسل سان جاري رهندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,172FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
12 %
2.3kmh
0 %
آچر
18 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون