اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان نئين مانيٽري پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته وياج جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويئ آهي، جنهن بعد وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 20 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب مهانگائي ۾ گهٽتائي سبب وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
مرڪزي بئنڪ چيو ته جي ڊي پي جي ترقي 2 ڏهائي 4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، آءِ ايم ايف پروگرام ملڻ سان معيشت وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب ايندڙ مهينن ۾ مهانگائي اڃا به وڌيڪ گهٽ ٿيندي.
وياج جي شرح گذريل هڪ سال کان 22 سيڪڙو تي برقرار هئي، جنهن ۾ هن ڀيري گهٽتائي ڪئي وئي آهي