اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ 29 اپريل تي پنهنجي اجلاس ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت ٻيو جائزو مڪمل ڪري ورتو.
اجلاس دوران پاڪستان لاءِ 828 ملين ايس ڊي آر جي رقم منظور ڪئي.
آءِ ايم ايف جي منظوريءَ بعد اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر ملي ويا آهن.
3 مئي 2024ع تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي وارن ذخيرن ۾ اها رقم ظاهر ٿيندي