تازه ترين

اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ فلسطين کي باضابطا طور آزاد رياست تسليم ڪري ورتو

- Advertisement -
اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ فلسطين کي باضابطا طور آزاد رياست تسليم ڪري ورتو آهي. اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز فلسطين کي باضابطا طور آزاد رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي  اسپين جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ تاريخي گهڙي آهي، فلسطين تي ظالمن جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملڪي. هن چيو ته سندن فيصلو ڪنهن ملڪ خلاف نه پر امن قائم ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي، فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب آهي. آئرش حڪومت به فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ناروي به باضابطا طور فلسطين کي رياست تسليم ڪري ورتو آهي. ناروي جي پرڏيهي وزير موجب ناروي ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو فلسطين جو پرجوش محافظ رهيو آهي. اسپين، ناروي ۽ آئرلينڊ طرفان اعلان بعد فلسطين کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ 146 ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
28 %
3.7kmh
9 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون