تازه ترين

اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، خبر ۽ راءِ ۾ فرض ضروري آهي، هڪ سچائي ۽ هڪ راءِ هوندي آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ پريس ايسوسيئشن آف سپريم ڪورٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سمورن قانون جو مقصد سچ سامهون آڻڻ آهي ۽ انصاف سچ جي بنياد تي ئي ٿيندو آهي.

هن چيو ته فيصلو اچڻ تي ڪا به ڌر چئي سگهي ٿي ته فيصلو ٺيڪ ناهي ٿيو، خبر ۽ راءِ ۾ فرض ضروري آهي، هڪ سچائي ۽ هڪ راءِ هوندي آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ذميوراڻي صحافت وقت جي ضرورت آهي، هاڪاري صحافت جو معاشري ۾ سٺو تاثر قائم ٿيندو آهي، صحافي ۽ جج سدائين سچ جي ڳولا ۾ رهندا آهن.

هن چيو ته دنيا جي سمورن مذهبن ۾ سچ کي ترجيح ڏني وئي آهي، حضرت محمد صلعم کان چيو ته مومن ڪڏهن به ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ آزاد صحافت جو ذڪر آهي، صحافي جو مطلب آهي ته اهو سچي خبر پهچائي، صحافي کي سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت سميت سمورن ادارن جي ڄاڻ وٺڻ جو حق آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون