تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ ڄاڻ تائين پهچ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، خبر ۽ راءِ ۾ فرض ضروري آهي، هڪ سچائي ۽ هڪ راءِ هوندي آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي.

اسلام آباد ۾ پريس ايسوسيئشن آف سپريم ڪورٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سمورن قانون جو مقصد سچ سامهون آڻڻ آهي ۽ انصاف سچ جي بنياد تي ئي ٿيندو آهي.

هن چيو ته فيصلو اچڻ تي ڪا به ڌر چئي سگهي ٿي ته فيصلو ٺيڪ ناهي ٿيو، خبر ۽ راءِ ۾ فرض ضروري آهي، هڪ سچائي ۽ هڪ راءِ هوندي آهي، راءِ سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سچ سان ڪو به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ذميوراڻي صحافت وقت جي ضرورت آهي، هاڪاري صحافت جو معاشري ۾ سٺو تاثر قائم ٿيندو آهي، صحافي ۽ جج سدائين سچ جي ڳولا ۾ رهندا آهن.

هن چيو ته دنيا جي سمورن مذهبن ۾ سچ کي ترجيح ڏني وئي آهي، حضرت محمد صلعم کان چيو ته مومن ڪڏهن به ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي سگهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته آئين ۾ آزاد صحافت جو ذڪر آهي، صحافي جو مطلب آهي ته اهو سچي خبر پهچائي، صحافي کي سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت سميت سمورن ادارن جي ڄاڻ وٺڻ جو حق آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
broken clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
23 %
1kmh
77 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون