تازه ترين

اعتراضن باوجود جمهوريت آمريت کان بهتر آهي: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءِ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اعتراضن باوجود جمهوريت آمريت کان بهتر آهي، ايوان کي ڪمزور ڪرڻ بدران ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي ۽ ٻيا ادارا ان جي تشريح ڪندا آهن. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته آئين پارليامينٽ کي طاقت ڏيندو آهي، اهو ڪنهن ٻئي اداري وٽ ناهي. هن چيو ته 2008ع کانپوءِ جڏهن اليڪشن ٿي ته انهن پارٽين تي اعتراض هئا، 2018ع ۾ کين اعتراض هئا، اختلاف  صحيح هجن يا  غلط پنهنجي جاءِ تي آهن. خواجه آصف چيو ته اعتراض الڳ شيءِ آهي پر سسٽم تي سواليا نشان نه لڳائڻ گهرجي، ادارن تي حملو نه ٿيڻ گهرجي، آئيني حدون اورانگهيون ويون ته جمهوريت ڪمزور ٿيندي. بچاءَ واري وزير چيو ته ايوان کي ڪمزور ڪرڻ بدران ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهيندي آهي ۽ ٻيا ادارا ان جي تشريح ڪندا آهن. خواجه آصف چيو ته غزا ۾ اسرائيلي ظلم جو  سلسلو جاري آهي، غزا ۾ رڳو اٺن مهينن ۾ 40 هزار ماڻهو شهيد ٿيا آهن، پاڪستان ي فلسطين بابت پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون