اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان، ڪابل جي اتحادي آهي، افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغانستان سان مسئلا سنجيده نوعيت جا آهن، افغانستان جو فرض آهي ته هو امن جي ضمانت ۽ هٿي وٺرائڻ کي يقيني بڻائي، خير سگالي ۽ نيڪ خواهشون هڪ طرفيون نٿيون ٿي سگهن، افغانستان سان مسئلا مريضن جي اچ وڃ ۽ واپار تائين محدود ناهن، مريضن جي سار سنڀال لهندڙن جي روپ ۾ دهشتگرد پاڪستان اچي رهيا آهن، پاڪستان جي فوج ۽ شهري شهيد ٿي رهيا آهن.
جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان، ڪابل جي اتحادي آهي، افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، افغانستان سان مسئلا سنجيده نوعيت جا آهن.
سندس چوڻ هو ته افغانستان جو فرض آهي ته هو امن جي ضمانت ۽ هٿي وٺرائڻ کي يقيني بڻائي، خير سگالي ۽ نيڪ خواهشون هڪ طرفيون نٿيون ٿي سگهن.
اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته افغانستان سان مسئلا مريضن جي اچ وڃ ۽ واپار تائين محدود ناهن، مريضن جي سار سنڀال لهندڙن جي روپ ۾ دهشتگرد پاڪستان اچي رهيا آهن، پاڪستان جي فوج ۽ شهري شهيد ٿي رهيا آهن، پس منظر سامهون رکڻ جي ضرورت آهي…….